پي آرپي جنس کي بطور هڪڙي مزاحم موضوع طور استعمال ڪري ٿي ۽ سکڻ وارن، ملازمت کان اڳ ۾/ حاضرسروس استادن ۾، اسڪولن جي نصابي پاليسي ۽ ٽيڪسٽ بُڪس ۾ جنسي تفريق جي مسئلي کي مهارتن ۽ علم وسيلي حلي ڪري ٿي. پي آرپي جي سمورن ٽنهي جزن جي مرڪز ۾ جنسي حساسيت، برابري ۽ غيرجانبداري جي مقصدن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ آهي. سمورين ترتيب ڏنل سرگرمين جي توجه ان تي مرڪوز رهندي آهي ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻنهي کي بهتر معياري ۽ بنيادي تعليم تائين پهچ مڪمل ۽ برابري واري بنياد تي هجي.
ڳوڙهي طريقي سان ڪيل تحقيق ۽ تجزئي سان گڏوگڏ عملي ميدان جي تجربن جي بنياد تي پي آرپي جنس کي برابر اڳيان وڌائڻ لاءِ ٻه رخي طريقو اختيار ڪري ٿي. هڪ طرف پي آرپي جنس کي سمورن اهم جزن سان ملائي ٿي ۽ ان جي پڪ ڪري ٿي ته فائدا وٺڻ وارن لاءِ برابر نتيجا ظاهر ٿين. ٻئي طرف، خاص طور سان جتي اڻ برابري تمام گهڻي هُجي، اتي فائدي حاصل ڪرڻ وارن (مردن/ عورتن/ڇوڪرين/ڇوڪرن) جي مختلف مفادن کي حل ڪرڻ لاءِ پي آرپي جنس جي لحاظ کان جوڳا قدم کڻي ٿي، مثال طور اسڪالرشپ ۾ عورتن لاءِ ڪوٽا مقرر ڪرڻ. ان کان علاوه پي آرپي جنسي حڪمتِ عملي ترتيب ڏني آهي جنهن ۾ پي آرپي جو اهم ترين مقصد پرائمري ۾ جنسي تفريق کي گهٽائڻ ۽ پڙهڻ جي صلاحيتن کي بهتر بنائڻ آهي.جنسي حڪمتِ عملي جو مقصد اِهو آهي ته ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين کي به ان قابل بنايو وڃي ته هو پراجيڪٽ جي هر هڪ جز جي چونڊيل انتهائي اثرائتن حڪمتِ عملين تي مرڪوز سرگرمين جي وسيلي پنهنجي مطالعي جي مهارتن کي بهتر بڻائي سگهن. پي آرپي جنسي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هي حڪمتِ عملي منظم ڍانچو ڏي ٿي ۽ نتيجا ڏيکاري ٿي.
پي آرپي جنسي حساسيت تي ٻڌل مواد تيار ڪندي آهي جيڪو برداشت ۽ شموليت واري ڪلچر کي هٿي وٺرائي ٿو، محفوظ ۽ جنسي بنيادن تي دوستاڻي اسڪول جي خيال کي قوت ڏي ٿو ۽ سمورين سطحن تي جنسي برابري کي مضبوط ڪري ٿو. ان کان علاوه جنسي برابري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اشتهاري مواد (پوسٽر ۽ بروشرز) تيار ڪيو ويو آهي. تمام گهرائي سان جنس جي سمجهه پيدا ڪرڻ لاءِ پراجيڪٽ جي شراڪتدارن ۽ فائدا وٺڻ وارن جي مدد جي مقصد لاءِ جنس ۽ ٽڪراءُ حساسيت وارو تربيتي مينوئل به تيار ڪيو ويو آهي.
سڄي پاڪستان ۾ علاقائي ۽ صوبائي فرقن سان گڏ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي اندر مطالعي جا جيڪي اختلافات پيدا ٿين ٿا ان جي انتهائي مونجهاري واري منظرنامي تي نظر وجهندي پي آرپي جو ارادو آهي ته جنسي فرقن جي رواجن ۽ معياري تعليم، خاص طور سان پڙهڻ ۾ اُها خليج جنهن کي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ان جي جانچ ڪرڻ لاءِ قومي جنسي مطالعو جو احتمام ڪري. ان مطالعي جو مقصد هي آهي ته انهن جنسي خليجن ۽ فرقن جي حوالي سان سڌوسنئون فيلڊ جي بنياد تي مخصوص علائقي تي ٻڌل معلومات گڏ ڪري جنهن سان پراجيڪٽ جي اهم مقصدن تي اثرپوندو هُجي، مثال طور پي آرپي جي هدف ڪيل ڪيل اسڪولن ۾ مطالعي جي مهارتن کي بهتر بڻائي. هي مطالعو بنيادي طور تي جنسي فرقن کي ختم ڪرڻ لاءِ پي آرپي ۽ تعليمي ادارن کي بصيرت فراهم ڪندو ۽ پهرئين ۽ ٻئي درجن جي سکڻ وارن کي جنسي برابري ۽ حساسيت واريون مداخلتون ترتيب ڏياريندو.