آمريڪي بين الاقوامي ترقيءَ واري اداري (USAID) پاران اسڪالرشپ جي پروگرام کي پهرين کان موجود ٽيچرايجوڪيشن پراجيڪٽ جي مطابق جوڙيو ويو هو ۽ اُهو صوبائي/ علاقائي تعليمي کاتن، يونيورسٽين ۽ شروعاتي تعليمي ڪالجن سان ويجهي شراڪتداري وسيلي جاري رهيو. پي آرپي 3،649 جاري اسڪالرشپس کي حاصل ڪندڙن جون ڊگريون مڪمل ڪرڻ لاءِ ادائگيون ڏيندو پيو اچي. پي آر پي هيٺ اسڪالرشپس ميرٽ جي بنياد تي پيون ڏنيون وڃن جنهن ۾ عورتن ۽ اقليتن کي شامل ڪيو ويو ۽ انهن جي ورڇ جغرافيائي طور تي ڪئي وئي آهي. پي آرپي اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ وارن جي مسلسل نگراني جاري رکي ٿو ته جئين ان جي پڪ ڪري سگهجي ته گهڻي کان گهڻا شاگرد پنهنجون ڊگريون مڪمل ڪن ۽ پاڪستان جي تعليمي افرادي قوت ۾ ملازمتون حاصل ڪن. اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ وارن سمورن ماڻهن جي ڊيٽا جي مسلسل تصديق ٿيندي رهندي آهي، ان کي گڏ ڪيو وڃي ٿو ۽ هڪ محفوظ ڊيٽابيس ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو ته جئين اسڪالرشپ جي ادائگي، تڪميل ۽ اسڪالرشپس حاصل ڪندڙن جي صورتحال تي اثرائتي نظر رکي سگهجي.