مطالعي لاءِ ڪميونٽي جي بنياد تي مدد
هڪڙو مشهور آمريڪي پهاڪو ''هڪڙي ٻار کي پالڻ لاءِ پورو ڳوٺ هوندو آهي'' پڙهڻ لاءِ ڪميونٽي جي بنياد تي مدد جي اهميت جي بهتر طور سان وضاحت ڪري ٿو. ان جدوجهد جو مقصد عمومي طور سان ڪميونٽي کي پاڻ سان گڏ ملائي ۽ خاص طور سان والدين کي پاڻ سان گڏ شامل ڪري 'شاگردن جي ٽڪنڊي مدد' (ٻار-استاد-والدين) تي ڪم ڪرڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پي آرپي مدد جي ڍانچي ۾ پنجن اهم موضوعن جي نشاندهي ڪئي آهي (i) والدين کي شامل ڪرڻ جي ترغيب لاءِ پڙهڻ جو تقاريب (ii) خصوصي ضرورتن وارا ٻار (iii) ٽيوٽرنگ (iv) سمر/ونٽر ڪيمپون؛ ۽ (v) جنس.