مستقبل جي تعليمي افرادي قوت ۾ مطالعي جي هدايتن جي مهارت پيدا ڪرڻ لاءِ پي آرپي هائيرايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اِي سي) ۽ چونڊيل استادن جي تربيت جي ادارن (Teacher Training Institutes) سان ملي ڪم ڪري ٿو ته جئين متوقع استادن جي اندر مطالعي ۽ مطالعي جي تشخيص ڪرڻ جي تربيت کي مضبوط بڻائي سگهجي.
ڊگري پروگرام لاءِ فيڪلٽي جي ميمبرن جي عملي ۽ تعليمي پيشه ورانه بهتري: پي آرپي پنهنجي سمورن حصيدار تعليمي ادارن جي فيڪلٽي ميمبرن جي تربيت ڪري رهيو آهي ته جئين ان جي پڪ ڪري سگهجي ته هو اي ڊي اِي ۽ بي. ايڊ (آنرز) جي نصاب جي ضرورتن کان واقف هُجن ۽ ان جي اثرائتي تدريس لاءِ پوري طرح تيار هُجن.
اي ڊي اِي ۽ بي.ايڊ (آنرز) پروگرامن ۾ تعارف لاءِ مطالعي جي پروگرام جي تياري لاءِ سهولتون ڏيڻ: پي آرپي جي مقصدن مان هڪ مقصد هي آهي ته مطالعي واري نصاب کي اي ڊي اِي/بي. ايڊ (آنرز) جي موجوده نصاب ۾ ضم ڪيو وڃي. پي آر پي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اِي سي) ان تي متفق ٿي ويا آهِن ته اي ڊي اِي ۽ بي.ايڊ جي موجوده پنجن نصابن ۾ مطالعي جي جز کي شامل ڪيو وڃي. ان کان علاوه ايڇ اِي سي سفارش ڪئي آهي ته پڙهڻ ۾ تخصص وارو هڪ نصاب ترتيب ڏنو وڃي جنهن کي بي.ايڊ (آنرز) جي پروگرام جي 3 ۽ 4 سال ۾ پيش ڪيو وڃي.
استادن جي تربيت ڪرڻ لاءِ چونڊيل ادارن ۾ پڙهڻ ۾ فيڪلٽي جي ميمبرن جي پيشه ورانه بهتري، خاص طور سان پي آر پي پاران تيار ڪيل سکڻ ۽ سيکارڻ واري مواد جي استعمال جي شاگردن کي تربيت: فيڪلٽي جي ميمبر کي تربيت ڏني ويندي جنهن ۾ توجه پي آرپي پاران تيار ٿيندڙ سکڻ ۽ سيکارڻ واري مواد جي مطالعي جي بنياد تي هوندي. ڊگري پروگرامن ۾ داخل شاگرد ۽ استاد عملي ڪورس سان ميلاپ وسيلي پڙهڻ جون مهارتون سيکارڻ جو عملي تجربو ڪندا، جيڪو انهن ٻنهي ڊگرين جو هڪڙو جز ۽ ان جي هڪڙي امتيازي خصوصيت آهي.