پاڪستان ۾ هِن وقت تعليم جي مطالعي لاءِ نصاب موجود ڪونهي ۽ اهڙي ريت مطالعوسکڻ لاءِ به ڪو مواد ڪونهي يا اسڪول دوران مطالعو سکڻ جي لاءِ ڪو وقت به مقرر ٿيل ڪونهي. صوبائي ۽ علاقائي تعليمي کاتن معيارن جي تعين ۾ اهڙي ريت شرڪت ڪندا جو اهي معيار مطالعي جي نصاب جي باري ۾ معلومات ڏيندا. تعليم لاءِ مطالعي جي نصاب جي لاءِ مواد بشمول ٽيڪسٽ بُڪس، ريڊرز ۽ ٻين سکڻ ۽ سيکارڻ جي وسيلين جي ضرورت آهي. صوبا پي آرپي پاران تيار ڪيل ضمني مواد کي ماڊل طور استعمال ڪرڻ تي غور ڪري سگهن ٿا.
مطالعي جي پاليسي جي هڪ اهم ڳالهه اِها آهي ته روزانو رهنمائي جي وقت کي خاص طور سان مطالعو سيکارڻ سان ملائي ٿي. مطالعي جي هدايتن تي بهترين عملدرآمد لاءِ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ جي سفارش ڪري ٿو جنهن ۾ 20 منٽ آوازن ۽ فونڪس تي توجه ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيل هُجن. پي آرپي صوبائي ۽ علاقائي تعليمي کاتن تي زور ڀري ٿو ته هو شاگردن لاءِ روزانه مطالعي جو وقت مقرر ڪن.