اجازت نامو يا ايڪريڊينشن جانچ جو هڪڙو عمل آهي جيڪو پهرين کان طيءِ ڪيل معيارن کي استعمال ڪندي ادارن ۽ پروگرامن جي معيارن جو تعين ڪندو آهي. پاڪستان ۾ ٽيچرز ايجوڪيشن پروگرامن جي تصديق نيشنل ايڪريڊنشن ڪائونسل فار ٽيچرايجوڪيشن (اين اي سي ٽي اِي) پاران ڪئي ويندي آهي جيڪو هڪ معتبر ادارو آهي، پر ان وٽ پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ عملو ناڪافي آهي. هِن ٽيچر ٽريننگ انسٽي ٽيوٽ (ٽي ٽي آئي) جي اجازت نامي يا ايڪريڊنشن لاءِ 8 سيٽ معيارن جا ٽولز ترتيب ڏنا آهِن جن ۾ مثال طور سهولتن، ڪارڪردگي، مضمونن جي لحاظ کان عملو ۽ ڪورس ۾ موجود مواد کي ڏٺو ويندو آهي. اِهي سمورا ٽولز پنهنجي فطرت ۾ تمام گهڻا ٽيڪنيڪل آهِن ان ڪري پي آرپي اين اي سي ٽي اِي سان تعاون ڪندي ورڪشاپن جو احتمام ڪندو ته جئين ٽيچر ٽريننگ انسٽي ٽيوشنس ايڪريڊنشن لاءِ پنهنجي درخواست جو پيڪج تيار ڪري سگهن. ايڪريڊنشن جو اِهو عمل هر اداري کي اهو موقعو فراهم ڪندو ته هو پنهنجي تعليمي ۽ طبعي سهولتن کي اين اي سي ٽي اِي جي پاران ڏنل درجن مطابق بهتر بڻائي سگهي.