آمريڪي بين الاقوامي ترقيءَ واري اداري (USAID) جي مالي سهڪار سان هلندڙ پاڪستان ريڊننگ پراجيڪٽ شروعاتي درجن ۾ پڙهڻ وارن ۽ انهن جي استادن، خاندانن ۽ سرپرستن جي لاءِ اُردو ۽ پشتو ۾ هڪ هفتوار ريڊيو سيريز ٺاهي آهي ته جئين مطالعي جي اهميت جي باري ۾ سماجي آگاهي جي وسيلي ڪميونٽي جي بنياد تي سرگرمين جي تڪميل ڪئي وڃي. پشتو زبان جي بنياد تي ريڊيو سيريز ''گلونا'' (گُل) کي ڪيترن ئي علائقن ۾ براڊڪاسٽ ڪيو ويندو آهي. ان ۾ گانن جي مدد سان لفظن جي مشق ڪرائي وڃي ٿي ته جيئن نوان لفظ ۽ خيال سکڻ ۾ مدد ملي ۽ مشهور آکاڻين ۽ قصن جي وسيلي شاگردن کي نوان لفظ سکڻ تي اڀاريو وڃي. ان ريڊيو سيريز جو مقصد هي هو ته کل ڀوڳ واري انداز ۾ گانن ۽ لطيفن جي مدد سان اکرن جو تعارف ڪرايو وڃي ۽ ٻار جي گهر ۾ ٻار جي پڙهڻ سکڻ ۽ مطالعي ۾ خانداني مدد جي ماحول کي پيدا ڪيو وڃي.