پڙهڻ ۾ سرڪاري شعبي جي تعليمي پروگرامن ۾ مدد جي لاءِ خانگي شعبي سان ميلاپ جا موقعا ڳولڻ لاءِ پي آرپي حڪومت سان ملي ڪري ڪم ڪري رهي آهي. ان جو مجموعي مقصد بهتر ماحول جو ٺاهِڻ آهي جيڪو شرڪت ڪندڙن جي همت افزائي ڪري ۽ خانگي شعبي پاران شروعاتي درجن ۾ موجود ٻارن ۾ پڙهڻ جي بهتر نتيجن جي حصول ۾ مدد ڪري. پي آرپي حڪومت جي پائيدار حصيداري جوڙڻ ۾ به مدد ڏيئي رهي آهي جيڪا تعليمي نظام جي ڪيترين ئي سطحن تي پاڪستان ۾ پڙهڻ جي پروگرامن ۾ مدد ڪندو. ان شراڪتداري ۾ گڏيل قدرن وارا منافعي وارا ڪاروبار، روڪ يا ٻين شڪلن ۾ عطين سان گڏوگڏ خانگي شعبي ۽ مخير حضرات پاران خيراتون شامل هونديون.
خانگي شعبن، فائونڊيشنس ۽ خيراتي ادارن سان شراڪتداري ٺاهي ان اتحاد ۾ پي آرپي جي سرمايه ڪاري جي ڪري اميد آهي ته پاڪستان ۾ مطالعي جي بهتر نتيجن ۽ ٻارن جي سکڻ جي گڏيل اقدار لاءِ نوان خيال ملندا. پي آرپي حڪومت سان شراڪتداري لاءِ ڪارپوريٽ ۽ مخير شعبن سان ممڪنه شراڪتدارششي جي نشاندهي جي عمل مان گذري رهي آهي.