ان جي پڪ ڪرڻ لاءِ ته ٻار مطالعي جي بنيادي مهارتن لاءِ عملي مشق ڪن، هو جيڪي ڪجهه پڙهن اُهو سمجهن ۽ پنهنجي رواني ۾ بهتري آڻين ان ڏس ۾ پڙهڻ جو هدايتي مواد خاص طور سان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. جڏهن ته پاڪستان جا اڪثر ڪلاس رومز ان قسم جي تعليمي مواد کان محروم آهِن جيڪو پڙهڻ کي هٿي وٺرائي، رڳو درسي ڪتاب مطالعي جون مهارتون نٿا سيکارين ۽ هتي منظم طرح سان پڙهڻ جي پروگرام جي تڪميل لاءِ ڪنهن به قسم جو ضمني مواد دستياب ڪونهي. ان خال کي ڀرڻ لاءِ پي آر پي شاگردن لاءِ مواد تيار ڪري رهي آهي، خاص طور سان اهڙو مواد جنهن جو مقصد پڙهڻ ۾ مدد ڏيڻ هُجي. پي آرپي پاران تيار ٿيندڙ سموري مواد کي پروجيڪٽ جي مجموعي سکڻ واري طريقه ڪار ۽ استادن جي سهڪاري واري حڪمتِ عملي سان مطابقت ڏني ويندي ان ريت شاگردن جي مطالعي جي مهارتن کي بهتر بنائڻ لاءِ ٻئي حڪمتِ عمليون هڪ ٻئي کي مدد ڏينديون.
ان جي پڪ ڪرڻ لاءِ ته سموري سکڻ ۽ سيکارڻ واري مواد کي خاص طور سان اهڙي ريت ترتيب ڏنو ويو آهي جو هو مطالعي جي مهارت ۾ مشق ڪرائين، حاضر سروس استادن جي تربيت کي ماحول مطابق رکن ۽ انهن موادن کي پاڪستاني استادن ۽ شاگردن کي ذهن ۾ رکندي تيار ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ هر صوبي ۾ مواد جي جائزي جون ڪاميٽيون (Material Review Committees) جوڙيون ويون آهن جن ۾ اپيڪس ادارن، بيورو آف ڪريڪولم ۽ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جا نمائندا شامل آهن. حالانڪي گهڻو زور اُردو مواد جي تياري تي آهي پر ان سان گڏوگڏ مادري زبانن جي واڌاري لاءِ سنڌي ۽ پشتو ۾ به مواد تيار ڪيو پيو وڃي.
پي آرپي پاران تيار ٿيندڙ سمورو مواد آئي آر سي جي هيلنگ ڪلاس روم واري طريقي جو مظاهرو ڪري ٿو جنهن ۾ نصابي تعليم، صنفي برابري، سماجي ۽ جذباتي بهبود ۽ لچڪ تي زور ڏنل هوندو آهي.