تعارف
آمريڪي بين الاقوامي ترقيءَ واري اداري (USAID) مالي سهڪار سان هلندڙ پاڪستان ريڊننگ پراجيڪٽ (پي آرپي) کي انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي (آئي آرسي) ۽ ان جي شراڪتدارن (ڪرئيٽو ايسوسيئٽس انٽرنيشنل، ورلڊ لرننگ ۽ انسٽي ٽيوٽ آف رورل مينجمينٽ) جي وسيلي لاڳو ڪيو ويو آهي. جيڪو سڄي پاڪستان ۾ پهرئين ۽ ٻئي ڪلاس جي شاگردن ۾ مطالعي جي صلاحيتن کي بهتر بنائڻ لاءِ صوبائي ۽ علاقائي تعليمي کاتن جي مدد ڪري رهيو آهي. پراجيڪٽ ان مقصد کي ٽن ڌارڌار پر هڪ ٻئي سان جڙيل ذريعن وسيلي حاصل ڪندو جيڪي شروعاتي تعليم جي بهتر معيار، مطالعي لاءِ ڪلاس جي بهتر ماحول، بهتر پاليسين، مطالعي لاءِ بهتر نظام، ۽ پاڪستان ۾ ڪميونٽي جي بنياد تي مطالعي جي واڌاري لاءِ گهربل مدد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.
پروجيڪٽ ملازمت کان اڳ ۾ استادن جي تعليمي بهتري ۾ مدد ڪري،حاضر سروس استادن جي پيشه ورانه صلاحيتن ۾ بهتري لاءِ ماڊل جي مسلسل فراهمي ۽ پرائمري استادن لاءِ اضافي تعليمي مواد کي وڏي پيماني تي دستياب ڪرائي تعليم ۽ امتحان جي معيار ۾ بهتري آڻي رهيو آهي. پراجيڪٽ جي حڪمتِ عملي حڪومتِ پاڪستان پاران سمورن صوبن ۽ علائقن ۾ انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ مدد جي جي فراهمي تي انحصار ڪري ٿي. پاڪستان ۾ مطالعي جي تعليمي رهنمائي جي معيار ۾ پائيدار بهترين کي يقيني بنائڻ لاءِ پراجيڪٽ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتي ادارن جي قابليت وڌائڻ تي توجه ڏيئي رهيو آهي.
هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اِي سي) ۽ استادن جي تعليم لاءِ اعلى ادارن سان ويجهو ٿي ڪم ڪرڻ وسيلي پراجيڪٽ ٻن سالن واري ايسوسيئٽ ڊگري ان ايجوڪيشن (اي ڊي اِي) ۽ چئين سالن واري بيچلر ڊگري ان ايجوڪيشن (بي. ايڊ) آنرز پروگرامن لاءِ مطالعي وارو نصاب تيار ڪري رهيو آهي ۽ پوري پاڪستان ۾ استادن جي تربيت لاءِ قائم 111 ادارن ۾ انهن پروگرامن سان سهڪار ڪري رهيو آهي. انهن پروگرامن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ قابليت رکڻ وارن شاگردن کي راغب ڪرڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ پراجيڪٽ ميرٽ جي بنياد تي 3،649 آمريڪي بين الاقوامي ترقيءَ واري اداري (USAID) جون اسڪالرشپس ڏيئي رهيو آهي.
آمريڪي بين الاقوامي ترقيءَ واري اداري (USAID) جي مالي سهڪار سان هلندڙ پاڪستان ريڊنگ پراجيڪٽ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيئي رهيو آهي جيڪي معياري تعليم کي واڌارو ڏين ٿيون ۽ ان ريت پاليسي ۾ مستقل تبديلي وسيلي وقت گزرڻ سان گڏ پنهنجي پروگرام جي پائيداري کي يقيني بڻائينداسين.
هن مداخلت سان 23،800 سرڪاري اسڪولن ۾ موجود 23،800 استادن جي پڙهڻ جي هدايتن ۽ امتحان جي عمل ۾ بهتري اچي ويندي. پراجيڪٽ جي ختم ٿيڻ تائين اميد آهي ته پاڪستان جي سمورن صوبن/علائقن (پنجاب کان علاوه) پهرئين ۽ ٻئي ڪلاس جي گهٽ ۾ گهٽ 1,300,000 شاگردن تائين پهچي سگهنداسين.
پراجيڪٽ جا هدف
مطالعي لاءِ ڪلاس روم جي سکڻ جي ماحول کي بهتر بنائڻ
مطالعي جي پاليسن ۽ نظام کي بهتر بنائڻ
مطالعي لاءِ ڪميونٽي جي بنياد تي سهڪار
متوقع نتيجا
پهرئين ۽ ٻئي ڪلاس جا 1.3 ملين شاگرد مطالعي جون هدايتون وٺي رهيا هوندا.
مطالعي جون بهتر پاليسيون ۽ مطالعي جا بهتر نظام.
23،800 استاد مطالعو سيکارڻ ۽ ڪلاس روم ۾ امتحان جي مهارت بهتر بڻائي وٺندا.
111 استادن جي تربيت جا ادار (ڪاليج ۽ يونيورسٽيون) اي ڊي اِي ۽ بي. ايڊ (آنرز) جا ڊگري پروگرام پيش ڪندا.
اي ڊي اِي ۽ بي. ايڊ (آنرز) جي مطالعي جي نصاب جي تياري.
اي ڊي اِي ۽ بي ايڊ (آنرز) جي 3،649 شاگردن لاءِ اسڪالرشپس.
اسڪول جي ٻارن کي 1.7 ملين ورڪ بُڪس ڏنا ويا هوندا.
23،800 ڪلاس روم جي بنياد تي ڪارنر لائبررين جو قيام ۽ بهتري.
23،800 استادن کي ٽيبليٽ ڪمپيوٽرن جي فراهمي.
300 ڪميونٽين تائين رسائي لاءِ موبائل بس لائبررين جو قيام.