هر صوبي ۾ هڪ اهڙو ادارو هوندو آهي جنهنجي اها ذميواري هوندي آهي ته هو حاضر سروس ملازمين لاءِ تربيتي پروگرام ترتيب ڏي؛ پر اڪٽر صوبن ۾ ملازمت ڪرڻ وارن لاءِ ڪو منظم پيشه وراڻي تربيت جو پروگرام ڪونهي. ان جو سبب شايد حڪمتِ عملي واري منصوبي يا ڪم ڪرڻ وارن استادن لاءِ مسلسل پيشه ورانه بهتري جي بصيرت جي کوٽ آهي. پي آرپي لاڳاپيل صوبائي/علاقائي ايپڪس ادارن جي ضرورتن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ صورتحال جو جائزو وٺندي ۽ ان سان گڏ انهن چيلنجن جي نشاندهي ڪندي جنهن جي صوبي کي ڪنٽي نيوئس پروفيشنل ڊيولپمينٽ جي منصوبي بندي ڪندي سامهون رکڻ جي ضرورت هوندي آهي. ان جو دارومدار صورتحال جي جائزي تي آهي، جنهن ۾ پي آرپي ايپڪس اداري لاءِ حڪمتِ عملي واري منصوبي جي تياري ۾ ٽيڪنيڪل مدد ڏيندي، جنهن ۾: (1) پي آرپي حاضر ملازمين يا ٻين سي پي ڊي طريقن جي نشاندگي ڪندي جنهن کي هو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار هُجي؛ ۽/يا (2) سي پي ڊي ۾ ٻين شعبن جن ۾مداخلت جي ضرورت آهي نشاندهي (مثال طور استادن لاءِ ترغيبي ڍانچو) ڪري جيڪي جيڪي قابل عمل، مناسب خرچ جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدي مندي هجن۽ انهن کي سڌوسنئون انهن جي نظام ۾ متعارف ڪرائي سگهجي. پي آرپي انهن حڪمتِ عملين ۽ لاڳاپيل عملدرآمد وارن منصوبن جي صوبائي اسٽيرنگ ڪميٽِن کان منظوريون وٺڻ لاءِ ايپڪس ادارن جي مدد ڪندي.
ترغيبي ڍانچو
استادن کي پنهنجي پيشه ورانه بهتري لاءِ جيڪو وقت گهرجي اُهو ٻن سالن جو عرصو آهي ان ڪري پي آرپي جي مداخلت جو عرصو غور جوڳو آهي. جڏهن ته پراجيڪٽ گهڻي ڊگهي سفر ڪرڻ وارن استادن کي سفر جو خرچو ۽ ٻين خرچن لاءِ وظيفا پڻ ڏيندو آهي. پي آرپي پاران پيشه ورانه بهتري جي پروگرام ۾ جنهن ڪوشش ۽ وقت لڳائڻ جي درخواست ڪئي ويندي آهي ان لحاظ کان استادن لاءِ ترغيب ناڪافي آهي. ان طرح جي سي پي ڊي جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندڙ استادن کي مڃتاڏيڻ ۽ بدلي ۾ ڪجهه ڏيڻ لاءِ پي آرپي ايپڪس تعليمي ادارن جي اهڪارن سان ملي ڪم ڪري رهي آهي، خاص طور سان اهڙا استاد جيڪي ٻين استادن جي وچ ۾ ليڊر ٿي ويندا آهِن مثال طور استادن جي انڪوائري گروپ ۾ سهولت ڪار، صلاح ڪار ۽ هيڊٽيچر بشمول:
حاضر سروس سي پي ڊي جي لاءِ ملازمت کان اڳ ۾ قرضو
استاد جي ڪيريئر کي اڳيان وڌائڻ ۽ سي پي ڊي سهڪاري نظام
پيشه ورانه صلاحيتن کي تسليم ڪرڻ
هر صوبي ۾ استادن لاءِ ايوارڊن جي تقريب