پاڪستان جي پسمنظر سان ملندڙ جلندڙ ملڪن ۾ پاڪستاني تعليمي اهڪارن جي اثرائتي تعليمي هدايتن سان واقف ڪرائڻ لاءِ پي آر پي ورلڊ لرنگ سان ملي نوجوانن ۽ بالغن جي گڏيل مٽاسٽا ۽ مطالعاتي دورن وسيلي سکڻ جي پروگرامن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ هڪ ويجهي ادارتي شراڪتداري ڪري ٿي. مجموعي طريقه ڪار تجربارتي سکڻ جي اصولن تي ڀاڙي ٿو ۽ ان جو مقصد اِهو آهي ته شرڪت ڪندڙن کي اسڪولن ۾ ڪامياب پڙهڻ جا ماڊل ڏيکاريا وڃن، انهن لاءِ پاليسين ۽ عملي قدمن کي چٽو ڪيو وڃي جيڪي مطالعي جي پروگرام ۾ ويجهڙائي ۾ ڪامياب ثابت ٿيا آهِن ۽ ان سان گڏ انهن کي لاڳو ڪرڻ جي چيلينجن ۽ انهن جي حل ڪرڻ جي باري ۾ به ٻڌايو وڃي. شريڪ ٿيندڙ جن ملڪن/علائقن جو دورو ڪندا انهن کي انهن مان هر هڪ جي باري ۾ خواندگي جي پاليسين، معيارن، نصاب، استادن جي تربيت ۽ نظام جي باري ۾ تازه ترين معلومات ڏني ويندي. انهن جي واپسي تي شرڪت ڪندڙن لاءِ ٽيڪنيڪي وڪشاپ ڪرائي ويندي جنهن ۾ هو انهن تجربن کي پيش ڪندا جيڪي هنن سکيا آهِن ۽ اجتماعي طور سان ڪنهن مخصوص عمل جي منصوبي تي اتفاق ڪندا.