پاڪستان ۾ معياري مطالعي جي مواد تائين رسائي گهڻي ڀاڱي شهري علائقن ۽ نسبتاً امير طبقن تائين ئي آهي. اسڪول ۽ ويندي والدين به اڄڪلھ ٻارن کي ان طرف آماده نٿا ڪن ته هو ٽيڪسٽ بُڪس کان علاوه ٻيو مواد به پڙهن. ان کان علاوه ٻيا عنصر مثلاً گهٽ شرح خواندگي، معياري ڪتابن جون ڳريون قيمتون ۽ ڪمزور معاشي صورتحال به مطالعي جي ڪلچر کي اڳيان وڌڻ ڪونهي ڏنو. ان قسم جي رڪاوٽن جي موجودگي ۾ موبائل بس لائبرري پروگرام شروعاتي درجن جي شاگردن لاءِ قسمين قسمين، معياري ۽ پرڪشش مواد آڻڻ جي چيلنج کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
موبائل لائبرريون پڙهڻ وارن کي اهو موقعو ڏين ٿيون ته هو مختلف ثقافتن، ماڻهن ۽ جاين جي باري ۾ سکي سگهن. موبائل لائبرريون هڪ اهم وسيلو آهي جيڪو پاڪستاني ٻارن کي قسمين قسمين جي معلومات وسيلي بااختيار ڪري ٿو.
موبائل بس لائبرريون هڪ لائبري جي خدمتن تائين پهچڻ جي بنياد تي مسئلو حل ڪن ٿيون ته جنهن جو خاص طور سان گهٽ آمدني واري خاندانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هڪ موبائل بس لائبرري وسيلي معياري مطالعي جي مواد تائين آساني سان پهچڻ جي پڪ ٿي سگهي ٿي جيڪو جواباً مطالعي جي عادت کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ڪندو.