امدادي مطالعي جي پروجيڪٽ جا عطيا
امدادي مطالعي جي پراجيڪٽ (Complementary Reading Project) جا عطيا پاڪستاني سِول سوسائٽي جي تنظيمن کي اهو موقعو فراهم ڪن ٿا ته هو سمورن لاڳاپيل شراڪتدارن يعني ٻارن، والدين، استادن، اسڪول انتظاميه، لاڳاپيل تعليمي شعبي ۽ ڪميونٽي جي نمائندن کي اثرائتي انداز سان پاڻ سان ملائي ٻارن جي اندر مطالعي جي مهارتن ۽ عادت کي بهتر بنائڻ لاءِ مفيد ۽ قابلِ عمل منصوبا ترتيب ڏين.