پي آرپي صوبائي اسٽيرنگ ڪميٽين ۽ مشاورتي ڪميٽين جي مدد ڪري رهي آهي ته هو صوبائي سطح تي مطالعي ۾ بهتري جون حڪمتِ عمليون (Reading Improvement Strategies) جوڙين ۽ انهن کي لاڳو ڪن جيڪي هر صوبي جي لاءِ پڙهڻ ۾ بهتري جي پنهنجي نشاندهي ڪيل هدفن جي حاصل ڪرڻ لاءِ مجموعي ڍانچي يا 'روڊميپ' طور ڪم ڏينديون. مطالعي ۾ بهتري جون حڪمتِ عمليون (RIS) صوبائي، ضلعي ۽ اسڪول جي صلاحيتن کي اثرائتو بڻائينديون، ته جئين هو مطالعي ۾ مدد، مطالعي جي نصاب، امتحانن ۽ انهن جي معيارن تي توجه رکندي سرڪاري اسڪولن جي اهم شعبن ۾ مطالعي جا ڪامياب پروگرام ترتيب ڏين، انهن کي عملي جامو پهرائين ۽ انهن جي نگراني ڪن. هي ٽئي شيون هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ سان گڏو گڏ مطالعي جي بهتر نتيجن ۾ مدد لاءِ تمام ضروري آهِن.
مطالعي جي امتحان جو ڊيٽا، ڪلاس روم ۾ مشاهدي ۽ مختلف سطحن تي پيشه ورانه ماهرن سان ورڪنگ سيشنس کي سامهون رکندي مطالعي بابت هر زبان (اردو، سنڌي ۽ پشتو) لاءِ هدايتون ۽ بينچ مارڪ ٺاهيو.
ان کان پوءِ معيار ۽ بينچ مارڪس نصاب ۽ ملندڙجلندڙ ٽيڪسٽ بُڪس جي تياري، استادن جي رهنماڪتاب، استادن جي پيشه ورانه بهتري ۽ ضمني مطالعي ۽ هدايتي مواد جي معائني کي ان باري آگاهي ڏيندا.