پي آرپي ۾ شرڪت ڪرڻ وارا استاد ملازمت جي دوران پيشه ورانه بهتري لاءِ پاڪستان جو پهريون جامع پيڪج حاصل ڪن ٿا جنهن ۾ مطالعي سيکارڻ تي توجه ڏني وڃي ٿي.جنهن ۾ رُوبرُو، ٽيچر انڪوائري گروپ (ٽي آئي جي) ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڪوچنگ شامل آهِن.هر صوبي ۾ پي آرپي حڪومتي جي اسٽيرنگ ڪميٽي ۽ ايپڪس ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ان جي پڪ ڪري سگهجي ته تجويز ڏنل ملازمت جي دوارن وارو طريقو حڪومت جي ان ماجول/حڪمتِ عملي سان مطابقت رکي ٿو ٻيو اهو ته صوبائي سهڪار واري نظام جي اندر تعليمي شعبي جي پاران مخصوص ڪردارن جي لاءِ رکيل ماڻهو پوري طور سان فعال آهِن. اهڙي ريت پي آرپي پهرئين ۽ ٻئي ڪلاس ۾ مطالعي سکڻ لاءِ پائيدار ۽ جڙيل ماڊل تيار ڪري رهي آهي جتي سمورا استاد مدد ڪن ٿا- تربيت ۾، سکڻ/ سيکارڻ جي مواد ۾، ڪوچنگ ۽ نگراني ۾.ڪنٽي نيوئس پروفيشنل ڊيولپمينٽ (سي پي ڊي) جي جامع پيڪج جي فراهمي لاءِ هڪ ٻئي کان سکن ٿا ۽ مدد ڏين ٿا. ان کان علاوه پي آرپي جا پاليسي جا پروگرام اهڙا پروگرام ۽ نظام ٺاهيندا آهِن جنهن سان هڪڙي استاد جي پي آرپي ۽ ٻين پروگرامن ۾ شرڪت جي حوصله افزائي ٿئي ٿي.