تعليمي نظام ۾ اصلاحات ۽ سکڻ سيکارڻ جي عمل ۾ بهتري آڻڻ لاءِ معيارن جو مقرر ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ان کي شاگردن جي امتحان جي عمل ۾ به هڪ لازمي جز سمجهو وڃي ٿو. معيارن جي اهميت جي باري ۾ مشاورتي ميٽنگ جي ذريعي ڄاڻ پکيڙڻ سان گڏوگڏ صوبائي اسٽيرنگ ڪميٽي جي شموليت جي عمل سان، پي آرپي انهن معيارن جي تعين جي عمل ۾ سهولت ڏيئي رهي آهي جيڪي مطالعي جي ڪارڪردگي جي تعريف بيان ڪندا ۽ جامع مطالعي جي اصلاح لاءِ بنياد جي طور تي ڪم ڪندا. پي آرپي امتحان، زبان ۽ نصاب ۾ مهارت رکڻ وارن ميمبرن سان گڏوگڏ پهرئين ۽ ٻئي ڪلاس جي استادن کي ٽه ماهي ميٽنگن جي سهولت ڏيڻ لاءِ تمام ويجهي انداز سان مشاورتي ڪميٽي جي ٽاسڪ فور سان ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مطالعي لاءِ مناسب معيارن جي سفارشن لاءِ ڊيٽا جو جائزو ورتو وڃي ٿو. اردو، سنڌي ۽ پشتو جي ڪلاسن جي سطحن ۽ پڙهڻ جي مهارتن جي لاءِ معيار جو تعين ڪيو ويندو.